جوگندر پال

جوگندر پال: مشهور ترقي پسند اديب، جوگندر پال، 5 سيپٽمبر 1925ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم گنڊا سنگهه هاءِ اسڪول سيالڪوٽ مان ورتائين. وڌيڪ تعليم مُري ڪاليج سيالڪوٽ مان حاصل ڪيائين.
ورهاڱي کانپوءِ دهليءَ لڏي ويو. 1949ع کان 1964ع تائين نيروبيءَ ۾ انگريزي ادب جو استاد ۽ ايجوڪيشن آفيسر رهيو. وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي اورنگ آباد (دکن) جي ’سرسوتي ڀون‘ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج جو پرنسيپال ٿيو. ان کانسواءِ ڀارت ۾ ترقي پسند اديبن جي سنگت (Progressive Writers Association) جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي.
جوگندر پال 22 کان مٿي ناولن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جو مصنف آهي، سندس پهريون افسانو ’عفريت‘ ڪاليج مخزن ۾ 1945ع ڌاري شايع ٿيو. سندس ڪهاڻيون، ناول ۽ ناوليٽ ڀارت جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.
جوگندر پال هيستائين ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪيترائي اعزاز، ايوارڊ ۽ سندون حاصل ڪيون آهن. سندس مشهور ترين ناول ’ناديد‘ آهي.
1986ع ۾، ڪراچيءَ ۾ ٿيل ’ترقي پسند مصنفين‘ جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو. اُتي جڏهن پنجاب جي دانشور عبدالله ملڪ ۽ سنڌي اديبن جي وچ ۾ پاڪستان جي صوبن جي زبانن بابت ’علائقائي‘ ۽ ’قومي زبانن‘ واري مسئلي تي تڪرار ٿي پيو هو ته هن ۽ هندستان جي ٻئي ترقي پسند دانشور قمر رئيس، مقامي قومن ۽ صوبن جي زبانن کي ’قومي زبانون‘ مڃڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي هئي ۽ اهو تڪرار ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي مداخلت ۽ ٻولين جي حق جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ٿيڻ بعد ختم ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.09.25  عيسوي

مشهور ترقي پسند اديب، جوگندر پال، 5 سيپٽمبر 1925ع تي سيالڪوٽ (پنجاب) ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهادر ٽالپر
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
بادل جمالي
صاحب سنگهه بولسنگهه
بالزاڪ
نسيم ٿيٻو
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
روپ ڪمار گھايل
سدورو مل ايم راجپوت
مختيار سمو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون